جمعي ۽ ڇنڇر تي تعليمي ادارا بند ڪرڻ جو فيصلو

لاهور ( ويب ڊيسڪ ) پنجاب حڪومت ڪوهيڙو جي روڪٿام لاءِ مخصوص ضلعن ۾ جمعي ۽ ڇنڇر جي ڏينهن تعيلمي اداري بند رکڻ جو فيصلو ڪيو آهي.

پنجاب جي نگرنا وڏي وزير محسن نقوي جي صدارت هيٺ سموگ جي خاتمي بابت ڪابينا ڪميٽي جو اجلاس ٿيو جنهن ۾ ڇنڇر جي ڏينهن مارڪيٽون، جم، سئنما، ٿيٽر ۽ فيڪٽريون مڪمل بند ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو جڏهن ته ڇنڇر واري ڏينهن ريسٽورينٽس بند ڪرڻ، رڳو ٽيڪ اوي ۽ هوم ڊليوري جي اجازت ڏني ويندي.

ذريعن جو چوڻ آهي ته کاتن طرفان جمعي جي ڏينهن اسڪول، ڪاليج ۽ يونيورسٽيون بند ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي جڏهن ته پنجاب ۾ ڪوهيڙي جي روڪٿام لاءِ سافٽ سموگ لاڪ ڊائون لڳائڻ جي تجويز به غور هيٺ آهي.

اجلاس کانپوءِ پريس ڪانفرنس ڪندي پنجاب جي نگران وڏي وزير محسن نقوي چيو ته مارڪيٽن بلڪل بند ڪرڻ جي حق ۾ ناهيون، اي ڪيو آءِ ليول صبح ۾ وڌيڪ ۽ ٻهپريءَ ۾ گهٽ هوندو آهي انڪري مارڪيٽون رات تائين کولڻ ۾ ڪو حرج ناهي.

هن چيو ته ڇهن ضلعن ۾ ڪوهيڙو جي شديد اثر آهن، لاهور، گوجرانوالا، فيصل آباد، ملتان، ساهيوال ۽ سرگوڌا ۾ جمعي ۽ ڇنڇر جي ڏينهن مارڪيٽون منجهند ٽين وڳي کلنديون جڏهن ته آچر تي هر قسم جو ڪاروبار بند هوندو، آچر جي صبح کان شام پنج وڳي تائين مال روڊ صرف سائيڪلنگ لاءِ کليل هوندو.

هن چيو ته ڪوهيڙو گهٽائڻ لاءِ هٿرادو مينهن وسائڻ لاءِ به تياري جاري آهي پر سموگ کان بچڻ لاءِ ماسڪ جو استعمال ضرور ڪريو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.