فيفا ورلڊ ڪپ ڪواليفائرز، ارجنٽينا جي برازيل کي مات، ميدان ۾ گوڙ، تماشائين تي لٺبازي

فٽبال ورلڊ ڪپ جي دفاعي چيمپيئن ارجنٽينا برزايل کي ورلڊ ڪپ ڪواليفائنگ ميچ ۾ هڪ گول تان شڪست ڏئي ڇڏي.
برازيل جي مارڪانا گرائونڊز ۾ ميچ شروع ٿيڻ کان اڳ ارجنٽينا جي تماشائين ۽ پوليس وچ ۾ جهڙپ ٿي جنهن سبب ٻنهي ٽيمن وچ ۾ ميچ ڏيڍ ڪلاڪ دير سان شروع ٿي.
ميچ ۾ ڇڪتان ان وقت شروع ٿيو جڏهن تماشائين سان ڀريل ميدان ۾ ٻنهي ملڪن جا قومي ترانا هلي رهيا هئا، ان دوران پوليس تماشائين تي لٺبازي شروع ڪري ڏني.
ان موقعي تي ارجنٽينا جي ڪپتان ليونل ميسي صورتحال کي معمول تي آڻڻ لاءِ اسٽينڊ طرف ويو پر ڪجهه بهتري نه اچڻ تي هو واپس ڊريسنگ روم موٽي آيو.
ٻنهي مخالف ٽيمن وچ ۾ ڏيڍ ڪلاڪ کانپوءِ ميچ شروع ٿي ته ميزبان ٽيم جي مداحن پنهنجي ٽيم جي حق ۾ ڀرپور نعريبازي ڪئي.
ميچ دوران ٻنهي ٽيمن هڪٻئي جي گول پوسٽ تي حملا ڪيا، پهرين هاف ۾ ڪا به ٽيم گول نه ڪري سگهي، پر ٻئي هاف جي 63 هين منٽ ۾ ارجنٽينا جي سينيئر بيڪ رانديگر نڪولس اوتاميندي گول ڪري ٽيم کي سرسي ڏياري جيڪا ميچ جي پڄاڻي تائين برقرار رهي.
ورلڊ ڪپ ڪواليفائر رائونڊ ۾ برازيل جي اِها لاڳيتو ٽين شڪست آهي جڏهن ته پنهنجي سرزمين تي برازيل جي هيءَ پهرين هار آهي.
برازيل جي نامياري فٽبالر نيمار ۽ ونيڪس جونيئر انجري سبب ميچ نه کيڏي سگهيا جڏهن ته ارجنٽينا جو ڪپتان مارڪونس کي به پير ۾ سور سبب ٻيو نه کيڏي سگهيو.
فيفا ورلڊ ڪپ 2026 جي ڪواليفائنگ مقابلن ۾ مسلسل ٽين شڪست کانپوءِ برازيل جي ٽيم پنهنجي گروپ ۾ ڇهين نمبر تي موجود آهي.
برازيل خلاف ڪاميابي کانپوءِ ارجنٽينا جي ڪپتان ليونل ميسي چيو ته ميدان ۾ جيڪو ڪجهه ٿيو برو ٿيو ڇو ته تماشائين کي تشدد جو نشانو بڻايو ويو.
برزايل خلاف ڪاميابي کي ميسي اهم فتح قرار ڏيندي چيو ته برزايل ۾ کيڏندي ڪاميابي حاصل ڪرڻ سٺو آهي ۽ هڪ اهڙي ٽيم خلاف جنهن جي پنهنجي سرزمين تي ڪاميابي جي هڪ تاريخ آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.