سستي پاور پلانٽن جي بجلي به مهانگي ٿيڻ جو امڪان

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) گدو ڪمپني نيپرا ۾ بجلي جي پيداواري قيمت 14 رپيا 93 پئسا في يونٽ مقرر ڪرڻ جي درخواست داخل ڪري ڇڏي.
سستي پاور پلانٽن جي بجلي مهانگي ٿيڻ جو امڪان آهي، ڇو ته سينٽرل پاور ڪمپني گدو نيپرا ۾ درخواست داخل ڪري ڇڏي آهي.
گدو ڪمپني درخواست ۾ موقف پيش ڪندي اپيل ڪئي آهي ته بجلي اگهن ۾ واڌ گئس مهانگي ٿيڻ سبب اڻٽر آهي، بجلي جي پيداواري قيمت 14 رپيا 93 پئسا في يونٽ مقرر ڪئي وڃي.
هوڏانهن سينٽرل پاور ڪمپني گدو جي بجلي اگهن جي درخواست ٻڌڻي لاءِ مقرر ڪري ڇڏي، نيپرا ۾ گدو ڪمپني جي درخواست تي 6 ڊسمبر تي ٻڌڻي ٿيندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.