ميسي جو فيفا ورلڊ ڪپ 2022ع ۾ پهريل جرسيون نيلام ڪرڻ جو اعلان

ارجنٽينا کي ورلڊ چيمپيئن بڻائيندڙ سپر اسٽار فٽبالر ليونل ميسي فيفا ورلڊ ڪپ 2022ع ۾ پهريل جرسيون نيلام ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو.

ميسي انسٽاگرام پوسٽ ذريعي 2022ع ۾ قطر ۾ ٿيل فيفا ورلڊ ڪپ ۾ پاتل ڇهه جرسيون نيلام ڪرڻ جو اعلان ڪيو.

ليونل ميسي لکيو ته سندس ڇهن جرسين ۾ اِها شرٽ به شامل آهي جيڪا مون ورلڊ ڪپ فائنل ۾ پاتي هئي، نيلامي لاءِ ٻولي 30 نومبر کان 14 ڊسمبر تائين آن لائين جمع ڪرائي سگهجي ٿي.

 

View this post on Instagram

 

A post shared by Leo Messi (@leomessi)

رپورٽس موجب، ميسي جي جرسين جي نيلامي هڪ ڪروڙ ڊالر کان وڌيڪ ۾ ٿي سگهي ٿي جيڪا راندين جي تاريخ ۾ هنيئر تائين جي سڀ کان قيمتي نيلامين منجهان هڪ هوندي.

36 ورهين جي فٽبالر سوشل ميڊيا تي نيلامي جي خبر شيئر ڪندي اِهو به اعلان ڪيو ته نيلاميءَ مان حاصل ٿيندڙ رقم جو هڪ وڏو حصو بارسلونا جي چلڊرن اسپتال کي عطيو ڪيو ويندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.