ورلڊ ڪپ فائنل دوران ٽي وي بند ڪرڻ تان پيءَ پٽ کي گهٽا ڏئي ماري ڇڏيو!

ڪانپور ( ويب ڊيسڪ ) ڀارت ۾ ورلڊ ڪپ فائنل دوران ٽي وي بند ڪرن تان پيءَ پٽ کي قتل ڪري ڇڏيو.

ڀارتي ميڊيا موجب، اِهو واقعو ڪانپور ۾ پيش آيو جتي گڻيش پرساد نالي همراهه گهر ۾ ورلڊ ڪپ جو فائنل ڏسي رهيو ان دوران سندس پٽ ديپڪ پيءَ کي کاڌي جي درخواست ڪئي ۽ انڪار تي  ٽي وي بند ڪري ڇڏي.

ٽي وي بند ڪرڻ پيءَ پٽ ۾ جهيڙو ٿي پيو، ان دوران پيءَ موبائيل فون چارجر جي تار سان پٽ کي گهوٽو ڏنو ۽ ٿڏي تي ئي دم ڏئي ڇڏيو.

پوليس موجب، اطلاع ملندي ئي واقعي واري هنڌ پهتي جوابدار کي گرفتار ڪيو ويو، جوابدار ان وقت شراب جي نشي ۾ هيو.

پوليس جو چوڻ آهي ته نوجوان جو مڙهه ضرروري قانوني ڪارروائي لاءِ اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي.

پوليس موجب، جوابدار جي زال گذريل هفتي مارڪٽ کانپوءِ گهر ڇڏي هلي وئي وئي.

ياد رهي ته آچر ڏينهن آءِ سي سي مينز ورلڊ ڪپ جي فائنل ۾ ڀارت کي آسٽريليا هٿان ڇهن وڪيٽن تان منهن ڏسڻو پيو جنهن کانپوءِ پوري ملڪ ۾ مايوسي واري صورتحال آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.