جسٽس مظاهر نقوي کي ٻيهر شوڪاز جاري، جڊيشل ڪائونسل 14 ڏينهن ۾ جواب گهري ورتو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سپريم جڊيشل ڪائونسل سپريم ڪورٽ جي جسٽس مظاهر نقوي کي ٻيهر شوڪاز نوٽيس جاري ڪري ڇڏيو.
سپريم جڊيشل ڪائونسل جو اجلاس چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي صدارت هيٺ ٿيو، جنهن ۾ جسٽس مظاهر نقوي خلاف شڪايتن جو جائزو ورتو ويو.
ذريعن موجب اجلاس ۾ سامهون ايندڙ شاهدين جي روشني ۾ جسٽس مظاهر نقوي کي نوٽيس جاري ڪيو ويو.
سپريم جڊيشل ڪائونسل شوڪاز ۾ چيو آهي ته جسٽس مظاهر نقوي 14 ڏينهن اندر سبب ڄاڻايو نوٽيس جو جواب ڏئي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته سپريم جڊيشل ڪائونسل تفصيلي شوڪاز جاري ڪيو پر ان سان جسٽس اعجاز الاحسن اختلاف ڪيو، شوڪاز ۾ 10 معاملن تي جسٽس مظاهر نقوي کان وضاحت گهري وئي آهي.
ذريعن موجب شوڪاز 1/4 جي شرح سان جاري ڪيو ويو، چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ، جسٽس سردار طارق، جسٽس امير ڀٽي ۽ جسٽس نعيم افنان شوڪاز جاري ڪرڻ جي حمايت ڪئي، رڳو جسٽس اعجاز الاحسن مخالفت ڪئي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته جسٽس مظاهر نقوي شوڪاز ۾ پنهنجي خلاف شڪايتن جا تفصيل داخل نه ٿيڻ تي اعتراض ڪيو هو، ڪائونسل مسلسل 3 ڏينهن جسٽس مظاهر نقوي خلاف شڪايتن ۽ اعتراضن جو جائزو ورتو.
جسٽس مظاهر نقوي کي 27 آڪٽوبر تي ڪائونسل اجلاس ۾ به شوڪاز جاري ڪيو ويو هو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.