”ڪو پرڏيهي ان خوش فهمي ۾ نه رهي ته واپس وڃڻ کان بچي ويندو“

ڪوئيٽا (ويب ڊيسڪ) بلوچستان جي اطلاعات واري نگران وزير جان اچڪزئي چيو آهي ته جيڪي پرڏيهي سمجهن ٿا اهي پنهنجي وطن وڃڻ کان بچي ويندا ته اهي احمقن جي جنت ۾ رهن ٿا.
ڪوئيٽا ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي جان اچڪزئي چيو ته غير قانوني پرڏيهين خلاف ڪريڪ ڊائون جو ٻيو مرحلو شروع ڪيو ويو آهي، مهم ۾ سمورا حڪومتي ادارا ڪم ڪري رهيا آهن، جيڪو ان غلط فهمي جو شڪار آهي ته واپس وڃڻ کان بچي ويندو اهو احمقن جي جنت ۾ رهي ٿو.
هن چيو ته جنوري جي آخر تائين 10 لک غير قانوني پرڏيهين کي واپس موڪلڻ جي ڪوشش آهي، چمن بارڊر تان واپسي جو سلسلو جاري آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.