ڪوئيٽا (ويب ڊيسڪ) بلوچستان جي اطلاعات واري نگران وزير جان اچڪزئي چيو آهي ته جيڪي پرڏيهي سمجهن ٿا اهي پنهنجي وطن وڃڻ کان بچي ويندا ته اهي احمقن جي جنت ۾ رهن ٿا.
ڪوئيٽا ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي جان اچڪزئي چيو ته غير قانوني پرڏيهين خلاف ڪريڪ ڊائون جو ٻيو مرحلو شروع ڪيو ويو آهي، مهم ۾ سمورا حڪومتي ادارا ڪم ڪري رهيا آهن، جيڪو ان غلط فهمي جو شڪار آهي ته واپس وڃڻ کان بچي ويندو اهو احمقن جي جنت ۾ رهي ٿو.
هن چيو ته جنوري جي آخر تائين 10 لک غير قانوني پرڏيهين کي واپس موڪلڻ جي ڪوشش آهي، چمن بارڊر تان واپسي جو سلسلو جاري آهي.