ڀارت ۾ اقليتن مٿان ظلم جو ذميوار مودي آهي: اورنڌتي راءِ

نئين دهلي ( ويب ڊيسڪ ) انساني حقن جي متحرڪ ڪارڪن ۽ ليکاري ارونڌتي راءِ هڪ ڀيرو وري مني پور وڳوڙن تي مودي سرڪار کي ڇتي تنقيد جو نشانو بڻايو آهي.

پرڏيهي ميڊيا موجب، ارونڌتي راءِ مودي سرڪار کي رياست مني پور ۾ نسلي وڳوڙن جو ذميوار قرار ڏيندي چيو ته بي جي پي سرڪار انساني جانين جي تحفظ بدران ٻرندي تي تيل جو ڪم ڪيو.

هن چيو ته مني پور ۽ هرياڻا ۾ اقليتن تي ظلمن تي مودي سرڪار جي مجرماڻي خاموشي اختيار ڪئي.

ارونڌتي راءِ چيو ته ڀارت ۾ مسلم عورتن کي انتهاپسندن طرفان جنسي زيادتي جو نشانو بڻائڻ جون ڌمڪيون ڏنيون پيون وڃن.

هن چيو ته عورتن خلاف ڏوهه تي مودي چپ آهي، هڪ ڏهائي چار ارب آبادي واري ملڪ ۾ جهموري پاليسي ناقص ۽ جهموري روايتون دم ٽوڙي رهيون آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.