اتر وزيرستان ۾ سيڪيورٽي فورسز جي قافلي تي حملي ۾ ٻه اهلڪار شهيد

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) خيبر پختونخواهه جي ضلعي اتر وزيرستان ۾ ڌماڪي سان سيڪيورٽي فورسز جا ٻه اهلڪار شهيد ٿي ويا.
آءِ ايس پي آر موجب اتر وزيرستان جي علائقي رزمڪ ۾ سيڪيورٽي فورسز جي وفد تي حملو ٿيو ۽ ڌماڪيدار مواد ڦاٽڻ سان ٻه اهلڪار شهيد ٿي ويا.
ڌماڪي جي نتيجي ۾ ضلعي ڪرڪ سان واسطو رکندڙ 33 ورهين جي لانس نائيڪ احسان بادشاهه ۽ ڪرم ضلعي سان واسطو رکندڙ 30 ورهين جي لانس نائيڪ ساجد حسين شهادت ماڻي.
آءِ ايس پي آر ٻڌايو ته سيڪيورٽي فورسز علائقي ۾ دهشتگردن جي موجودگي جي صورت ۾ انهن جي خاتمي لاءِ ڪارروائي ڪري رهي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.