محمد شامي جي پاڪستاني ڪرڪيٽرن تي تنقيد

ممبئي ( ويب ڊيسڪ ) ڀارتي ٽيم جي فاسٽ بالر محمد شامي جو چوڻ آهي ته آءِ سي سي ورلڊ ڪپ 2023ع دوران وڪيٽون وٺڻ پاڪستاني ڪرڪيٽرز کي پسند نه آيو.
سماجي رابطن جي ويب سائيٽ ايڪس تي ڀارتي ڪرڪيٽر محمد شاميءَ جو تازو انٽرويو تيزي سان وائرل ٿي رهيو آهي.
انٽرويو ۾ شامي جو چوڻ آهي ته ورلڊ ڪپ دوران پاڪستان جي اڳوڻي ڪرڪيٽر بال تبديلي بابت بيان کِل جوڳو بيان ڏنو.
هن چيو ته وسيم ڀاءَ ( وسيم اڪرم ) هڪ انٽرويوءَ دوران ان پاڪستاني ڪرڪيٽر کي سمجهائڻ جي ڪوشش ڪئي هئي ته تيز بالر ڪيئن سيم ۽ سوئنگ ڪندا آهن ۽ آءِ سي سي جو بال بابت طريقيڪار ڇا آهي.


محمد شامي چيو ته مون کي ڪنهن سان ساڙ ناهي، چاهيان ٿو ٻيا ماڻهو اچن ۽ پرفارم ڪن.
ڀارتي ڪرڪيٽر پاڪستاني فاسٽ بالرن کي نشانو بڻائيندي چيو ته کين لڳي ٿو ته هو بهترين آهن، پر منهنجي سوچ اِها آهي ته سڀ کان سٺو اُهو جيڪو وقت تي ٽيم لاءِ پرفارم ڪري.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.