ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ناردرن باءِ پاس ڀرسان يونيورسٽي جي هاسٽل مان شاگرد جو لاش هٿ آيو آهي.
پوليس موجب همدرد يونيورسٽي جي هاسٽل مان ملندڙ لاش ٻه کان ٽي ڏينهن پراڻو آهي، شاگرد جي سڃاڻپ امن ڪمار جي نالي سان ٿي ۽ هو بي ايس سي ٿرڊ ايئر ۾ پڙهي رهيو هو.
پوليس ٻڌايو ته شاگرد جي موت جو سبب ڄاڻڻ لاءِ لاش اسپتال نيو ويو، جڏهن ته وڌيڪ جاچ لاءِ شاهديون گڏ ڪيون ويون آهن.
شاگرد جي وارثن چيو ته امن ڪمار روم ۾ اڪيلو رهندو هو، 3 ڀينرن جو اڪيلو ڀاءُ هو، روم ۾ اڳ ذيشان ۽ باسط ان سان گڏ رهندا هئا.
هاسٽل انچارج عابد حسين ٻڌايو ته امن ڪمار جو واسطو شهدادڪوٽ سان هو، ڊاڪٽرن شروعاتي جاچ موجب موت طبي قرار ڏنو آهي.
Prev Post
You might also like