اوٽاوا ( ويب ڊيسڪ ) آءِ سي سي قانون ۾ ڦيرڦار کانپوءِ مرد مان عورت بڻجي وومين ٽيم ۾ شموليت اختيار ڪندڙ ٽرانس جينڊر ڊينيئل ميڪ گيهي جو ڪيريئر ختم ٿي ويو .
ڪئناڊا سان واسطو رکندڙ عالمي ٽرانس جينڊر ڪرڪيٽر ڊينيئل ميڪ گيهي سماجي رابطن جي ويب سائيٽ انسٽاگرام پوسٽ ۾ لکيو ته ڏاڍي ڏکويل دل سان چوڻ چاهيان ٿي ته آءِ سي سي قانون ۾ تبديلي کانپوءِ منهنجو عالمي ڪيريئر ختم ٿي ويو آهي.
ميڪ گيهي چيو ته آءِ سيسي لکين ٽرانس جينڊرز کي اِهو پيغام ڏنو آهي ته اسان جو ڪرڪيٽ سان ڪو واسطو ناهي، مان واعدو ڪيا ٿي پنهنجي راند ۾ اسان جي برابري لاءِ وڙهڻ نه ڇڏينديس، اسان ڪرڪيٽ کيڏڻ جو حق رکون ٿا.
Next Post
You might also like