پاڪستان سميت ڪنهن ملڪ ۾ سياسي اميدوار بابت ڪا راءِ نٿا رکون: آمريڪا

واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) آمريڪي پرڏيهي کاتي جي ترجمان ميٿيو ملر چيو آهي ته پاڪستان سميت ڪنهن ملڪ ۾ سياسي اميدوار بابت ڪا راءِ نٿا رکون.
پريس ڪانفرنس ڪندي ميٿيو ملر چيو ته پاڪستان لاءِ نوان پروگرام شروع ڪرڻ جي اعلان جي حمايت ڪيون ٿا پر پاڪستان يا ڪنهن ٻئي ملڪ ۾ سياسي عهدي جي اميدوارن تي ڪا پوزيشن نٿا رکون.
هن چيو ته بلوچستان ۾ پوليس جي تربيت، بهتري لاءِ 2 ملين ڊالرن کان وڌيڪ رقم ڏني ويندي، امداد آمريڪي مشن ۽ پاڪستان حڪومت وچ ۾ 40 سالن جي ڀائيواري جو نتيجو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.