سعودي عرب ۾ ملازمت جي خواهشمند پاڪستانين لاءِ وڏي خوشخبري

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سعودي عرب مان پاڪستاني ملازمن لاءِ سٺي خبر سامهون اچي وئي، سعودي عرب جي ميگا پاور ۽ تعميراتي ڪمپني الفنار جي سي اي او صباح المطلق چيو آهي ته اسان پنهنجي ايندڙ منصوبن ۾ وڌيڪ پاڪستانين کي ملازمتون فراهم ڪرڻ لاءِ ڪوششن ۾ آهيون.
نگران وزيراعظم جي سمنڊ پار پاڪستانين بابت خاص مددگار جواد سهراب ملڪ سان ملاقات ۾ صباح المطلق چيو ته اسان پاڪستاني افرادي قوت جي اعليٰ معيار ۽ سعودي عرب ۾ انهن جي سهڪار سان بي حد متاثر آهيون.
سمنڊ پار پاڪستانين جي وزارت طرفان جاري ڪيل پريس رليز موجب جواد سهراب ملڪ ڪمپني جي هيڊ ڪوارٽر پهتو، جتي سندس شاندار آجيان ڪئي وئي.
ڪمپني جي سي اي او چيو ته اسان مستقبل جي منصوبن لاءِ به وڌيڪ پاڪستاني ڪارڪنن کي ملازمت ڏيڻ جا منتظر آهيون.
جواد سهراب ملڪ چيو ته پاڪستان حڪومت سعودي عرب سان اقتصادي لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ ۽ ٻنهي ملڪن لاءِ گڏيل طور تي فائديمند موقعا پيدا ڪرڻ لاءِ انتهائي پرعزم آهي.
هن چيو ته پاڪستان ۾ انجنيئرنگ، آءِ ٽي، هيلٿ ڪيئر، مهمان نوازي سميت مختلف شعبن ۾ هنرمند ۽ تجربي ڪار پيشيور ماڻهن جو وڏو انگ موجود آهي ۽ اهي ماڻهو اهم ڪردار ادا ڪري سگهن ٿا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.