ورلڊ ڪپ فائنل ۾ شڪست، راهول گانڌي مودي کي ” نڀاڳو“ قرار ڏئي ڇڏيو

ڀارتين جا آءِ سي سي ون ڊي ورلڊ جي فائنل ۾ آسٽريليا هٿان شڪست جا زخم اڃا تائين ناهن ڀريا،  ڪانگريس اڳواڻ راهول گانڌي وزيراعظم نريندي موديءَ کي ٽيم لاءِ ” پنوتي( نڀاڳو) “ قرار ڏئي ڇڏيو.

آچر جي ڏينهن آسٽريليا احمد آباد ۾ مينز ون ڊي ورلڊ ڪپ جي فائنل ۾ ٽورنامينٽ ۾ ناقابلِ شڪست ۽ ميزبان ٽيم ڀارت کي ڇهن وڪيٽن تان هارائي ڇهون ڀيرو عالمي چيمپيئن بڻجڻ جو اعزاز حاصل ڪيو.

آسٽريليا ۽ ڀارت وچ ۾ فائنل ڏسڻ بالي ووڊ اداڪارائن سميت ڀارتي وزيراعظم نريندي مودي به خاص طور احمد آباد جي سندس نالي سان منسوب اسٽيڊيم ۾ پهتو.

ڀارتي وزيراعظم کي اميد هئي ته ڀارت عالمي ڪپ کٽيندو ۽ هو پنهنجي هٿن سان روهت شرما کي ٽرافي ڏيندو پر مودي جي اِها خواهش پوري نه ٿي سگهي.

آسٽريليا کان فائنل هارائڻ تي جتي ڀارتي تماشائي مايوس ٿيا اتي ڪانگريس جي اڳواڻ راهول گانڌي ڀارتي وزيراعظم جي ميدان ۾ موجودگي تي نريندي مودي کي پنوتي قرار ڏئي ڇڏيو.

پرڏيهي خابرو اداري موجب، اڱاري ڏينهن راجسٿان ۾ چونڊ ريلي کي خطاب ڪندي راهول گانڌي نريندي مودي تي ٺٺول ڪندي چيو ته اسان جي ٽيم آرام سان عالمي ڪپ کٽي وڃي ها ته پنوتي هارائي ڇڏيو.

ٻئي پاسي بي جي پي راهول گانڌي جي وزيراعظم نريندي مودي بابت بيان جي مذمت ڪندي مٿس سخت تنقيد ڪئي آهي.

ياد رهي ته فائنل ۾ شڪست کانپوءِ ڀارتي وزيراعظم نريندي مودي انڊين ٽيم جي ڊريسنگ روم جو دورو ڪيو ۽ رانديگرن سان ملاقات ڪئي هئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.