اڍائي لک افغاني پاڪستان مان نڪري ويا

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ملڪ مان غير قانوني افغانين جي واپسي جو سلسلو جاري آهي ۽ هيل تائين ٻه لک 43 هزار 165 غير قانوني طور رهندڙ افغانين جي واپسي ٿي چڪي آهي.
21 نومبر تي وڌيڪ ٻه هزار 990 غير قانوني افغانين کي واپس موڪليو ويو، جن ۾ 803 مرد، 759 عورتون ۽ 1428 ٻار شامل هئا، 306 گاڏين ۾ 627 خاندانن جي واپسي ٿي.
اختيارين موجب چمن ۽ طورخم بارڊر تان روز هزارن جي انگ ۾ افغاني واپس وڃي رهيا آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.