سعودي عرب پاران سمورن ملڪن کان اسرائيل کي هٿيارن جي فراهمي بند ڪرڻ جو مطالبو

رياض (ويب ڊيسڪ) سعودي ولي عهد شهزادي محمد بن سلمان سڀني ملڪن کان اسرائيل کي هٿيارن جي فراهمي روڪڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو.
برڪس اجلاس کي ورچوئل خطاب ڪندي سعودي ولي عهد چيو ته فلسطينين جي غزا پٽي مان جبري بيدخلي قبول ڪرڻ جوڳي ناهي، 1667ع جي نعين ڪيل حد بندي جي بنياد تي خودمختيار فلسطيني رياست جو قيام اڻٽر آهي.
محمد بن سلمان وڌيڪ چيو ته غزا تي حملا روڪڻ لاءِ سمورن ملن کان اسرائيل کي هٿيارن جي فراهمي روڪڻ جو مطالبو ڪريون ٿا.
سعودي ولي عهد غزا پٽي تي اسرائيلي وحشياڻي حملن جي شديد مذمت ڪندي چيو ته غزا ۾ فوري طور تي انساني امداد پهچائڻي پوندي.
سندس چوڻ هو ته فلسطينين جي غزا پٽي مان جبري بيدخلي قبول ناهي، فلسطين مسئلي جي حل لاءِ گڏي امن ڳالهين جي شروعات ٿيڻ وقت جي ضرورت آهي.
هن چيو ته اسرائيل غزا پٽي ۾ فوجي ڪارروايون فوري طور تي روڪي، سعودي عرب ڇڪتاڻ شروعاتي ڏينهن کان هٿين خالي شهرين جي تحفظ جي خاطري جي تاڪيد ڪئي هئي.
انهيٰ اجلاس ۾ چيني صدر شي جن پنگ به غزا پٽي ۾ فوري جنگ بندي جو مطالبو ڪيو.
ٻي پاسي غزا ۾ اسرائيلي حملا روڪڻ عيوض يرغمالين جي آزادي جو معاملو آخر مرحلن ۾ داخل ٿي ويو آه

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.