خيبر پختونخواهه پوليس جي جاچ جو معيار انتهائي بدترين آهي: چيف جسٽس

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) چيف جسٽس آف پاڪستان جسٽس قاضي فائز عيسيٰ چيو آهي ته خيبر پختونخواهه پوليس جي جاچ جو معيار انتهائي بدترين آهي.
ٻٽي قتل جي جوابدار جي ضمانت جي ڪيس ۾ چيف جسٽس ريمارڪس ڏنا ته چيو ويندو آهي ڪي پي پوليس ۾ سڌارا ٿيا، پوليس ۾ سڌارا ڪٿي ٿيا آهن؟
چيف جسٽس چيو ته ٻن ڄڻن جو قتل ٿيو، ٽي زخمي ٿيا، پوليس ايڏن وڏن واقعن جي ڪهڙي جاچ ڪئي؟ زخمين جا بيان ئي رڪارڊ نه ڪيا.
چيف جسٽس ٻٽي قتل جي جوابدار جي ضمانت جي درخواست رد ڪندي ٽرائل ڪورٽ کي بنا دير ڪيس جو فيصلو ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي.
واضح رهي ته جوابدار تي مردان جي صدر ٿاڻي ۾ ٻن ڄڻن جي قتل جو ڪيس داخل آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.