چيف سليڪٽر جي تنقيد کانپوءِ حارث رئوف جو به ردعمل اچي ويو

لاهور ( ويب ڊيسڪ ) چيف سليڪٽر وهاب رياض فاسٽ بالر حارث رئوف تي تنقيد ڪندي دعويٰ ڪئي هئي ته هو آسٽريليا جي دوري تان هٿ کڻي ويو آهي جنهن سبب پاڪستان ڪرڪيٽ کي نقصان ٿيندو.

ڪرڪ انفو موجب، حارث رئوف، چيف سليڪٽر سان پنهنجي ڳالهه ٻول کي مختلف انداز ۾ ڏسي ٿو.

ڪرڪيٽر جي ويجهن ذريعن انڪشاف ڪيو ته حارث رئوف آسٽريليا ۾ ٽيسٽ سيريز لاءِ حامي نه ڀري هئي.

ذريعن موجب، حارث رئوف  وهاب رياض کي ٻڌايو ته هو ٽيسٽ ڪرڪيٽ بدران ون ڊي ۽ ٽي ٽوئنٽي ڪرڪيٽ تي ڌيان ڏيڻ چاهي ٿو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.