لاهور (ويب ڊيسڪ) مشهور ليکڪ خليل الرحمان قمر چيو آهي ته منهنجو جسم منهنجي مرضي جهڙا نعرا لڳائيندڙ کي ان جا پئسا ملندا آهن.
خانگي ٽي وي چينل جي پروگرام ۾ ڳالهائيندي خليل الرحمان قمر چيو ته عورتن جي حقن لاءِ سٺا نعرا ۽لائينز بنا معاوضي لکي ڏيڻ جي آڇ ڪئي هئي. منهنجو جسم منهنجي مرضي جا نعرا لڳائيندڙ ڪڏهن به ان کان پٺتي نه هٽندا ڇو جو ان جا کين پئسا ملندا آهن.
خليل الرحمان قمر وڌيڪ چيو ته پنجن پنجن جو گروهه مون سان وڙهڻ ايندو هو، ان وقت به چيو هو ته جيڪڏهن خراب نعرن کي هٽايو وڃي ته مون کان وڏو فيمينسٽ ڪو به ناهي. منهنجون ڌيئر منهنجو فخر آهن ۽ ڌيئر به ايتريون ئي اهم هونديون آهن جيترا پٽ.
هن چيو ته آئون ان کي مرد ناهيان مڃيندو جيڪو زن مريد هجي. مرد کي پنهنجي زال جي پنهنجي ماءُ برابر عزت ڪرڻ گهرجي. زال کان گھڻا دڙڪا کائيندو آهيان. اداڪار همايون سعيد بابت ڳالهائيندي سندس چوڻ هو ته جنهن ڏينهن همايون سعيد جيان ايڪٽنگ ڪندڙ ڪو آيو ته ان کي پنهنجن ڊرامن ۾ کڻندس، هن لاءِ لکندو رهندس.
You might also like