ورلڊ ڪپ ۾ نيوزيلينڊ خلاف تاريخي اننگز، فخر زمان لاءِ اهم اعزاز

وزڊن طرفان عالمي ڪپ 2023ع جي پنج بهترين اننگز ۾ فخر زمان جي اننگز کي به شامل ڪيو ويو آهي.
ڀارت ۾ ٿيل ورلڊ ڪپ شاندار مقابلن کانپوءِ آسٽريليا جي ڪاميابي سان پڄاڻي تي پهتو.
ميگا ايونٽ جي 48 مئچن دوران مجموعي طور 40 سينچريون اسڪور ٿيون، ڪنهن ميچ ۾ ٻه، ڪنهن ۾ ٽي ۽ ايستائين جو هڪ ميچ ۾ چار سينچريون به اسڪور ٿيون.
وزڊن طرفان جاري ڪيل ورلڊ ڪپ جي پنج بهترين اننگز ۾ آسٽريليا جي گلين ميڪسيول جي افغانستان خلاف 128 بالن تي 201 رنسن جي اننگز پهرين نمبر تي آهي.
ورلڊ ڪپ جي فائنل ۾ ڀارت خلاف آسٽريليا جي ٽريوس هيڊ جي 120 بالن تي 137 رنسن جي اننگز کي ٻي بهترين اننگز قرار ڏنو ويو.
سيمي فائنل ۾ آسٽريليا خلاف ڏکڻ آفريڪي مڊل آرڊر بيٽر ڊيوڊ ملر جي شاندار سينچري کي به بهترين اننگز جي فهرست شامل ڪيو ويو آهي.
پاڪستان جي اوپننگ بيٽر فخر زمان جي نيوزيلينڊ خلاف 81 بالن تي 126 رنسن جي ناٽ آئوٽ اننگز کي به بهترين اننگز ۾ شمار ڪيو ويو آهي.
افغانستان جي رحمان الله گُرباز جي انگلينڊ خلاف 57 بالن تي 80 رنسن جي انگنز کي ورلڊ ڪپ جي پنجين ۽ آخري بهترين اننگز قرار ڏنو ويو.
ڏنو ويو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.