بجلي واهپيدارن تي هڪ ٻيو واڌو بار وجهڻ جي تياري

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) بجلي 3 رپيا 53 پئسا في يونٽ وڌيڪ مهانگي ٿيڻ جو امڪان آهي، سي پي پي اي جي درخواست تي نيپرا 29 نومبر تي ٻڌڻي ڪندي.
بجلي واهپيدارن تي 40 ارب رپين جو هڪ ٻيو واڌو بار وجهڻ جي تياري ڪئي وئي آهي.
ذريعن موجب بجلي 3 رپيا 53 پئسا في يونٽ مهانگي ٿيڻ جو امڪان آهي، سي پي پي اي بجلي مهانگي ڪرڻ لاءِ نيپرا ۾ درخواست ڏني آهي.
واڌ آڪٽوبر 2023 جي ماهوار فيول ايڊجسٽمينٽ جي مد ۾ گهري وئي آهي، سي پي پي اي جي درخواست تي نيپرا 29 نومبر تي ٻڌڻي ڪندي.
سموري واڌ سان سيلز ٽيڪس سميت بجلي واهپيدارن تي تقريبن 40 اربن جو بار ايندو پر واڌ ڪي اليڪٽرڪ واهپيدارن تي لاڳو نه ٿيندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.