سموگ جي خاتمي لاءِ هٿرادو مينهن وسائڻ تي غور

لاهور (ويب ڊيسڪ) پنجاب حڪومت لاهور ۾ سموگ جي خاتمي لاءِ هٿرادو مينهن وسائڻ تي غور شروع ڪري ڇڏيو.
موسميات کاتي جي چيف ميٽرولاجسٽ چوڌري اسلم نجي ٽي وي چئنل سان ڳالهائيندي چيو ته 28 يا 29 نومبر تي هٿرادو مينهن نه پيو وسايو وڃي، شهر ۾ هٿرادو برسات لاءِ تياريون ڪيون پيون وڃن.
هن ٻڌايو ته هٿرادو مينهن لاءِ ڪڪرن تي خاص قسم جو اسپري ڪيو ويندو آهي، اسپري جي ڪجهه دير کانپوءِ هٿرادو برسات ٿيندي آهي، برسات جو دورانيو 45 منٽ يا ان کان وڌيڪ به ٿي سگهي ٿو، هٿرادو برسات سان سموگ تي وڏو فرق پوندو.
سندس چوڻ هو ته ايندڙ مهيني تائين هٿرادو برسات جو امڪان آهي، 2001 ۽ 2002 ۾ به گرمي جي مند ۽ سياري ۾ پاڪ فوج جي جهازن جي مدد سان هٿرادو مينهن وسايو ويو هو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.