ڀارتي شوقينن پاران آسٽريلوي ڪرڪيٽرز کي موتمار ڌمڪيون، هرڀجن به ميدان ۾ اچي ويو

ممبئي (ويب ڊيسڪ ) اڳوڻي ڀارتي ڪرڪيٽر هرڀجن سنگهه آسٽريلوي ڪرڪيٽرز جي گهرڀاتين کي آن لائين هراسان ڪرڻ وارن ڀارتي تماشائين کي ڇتي تنقيد جو نشانو بڻايو آهي.
آءِ سي سي مينز ون ڊي ورلڊ ڪپ جي فائنل ۾ آسٽريليا، ڀارت کي ڇهن وڪيٽن تان شڪست ڏني جنهن کانپوءِ ڀارتي مداح آپي مان نڪري ويا ۽ ڪرڪيٽرن سميت سندن گهرڀاتين کي سوشل ميڊيا ڌمڪيون ڏيڻ لڳا.
فائنل ۾ سينچري اسڪور ڪندڙ ٽريوس هيڊ جي گهرواري ۽ ڌيءَ کي ريپ ۽ موتمار ڌمڪي ڏني وئي، ان کانسواءِ تعصب پرست ڀارتين گلين ميڪسويل جي زال کي به نه بخشيو جنهن جو واسطو ڀارت سان آهي.
اهڙي قسم جي افسوسناڪ روش تي اڳوڻي ڀارتي ڪرڪيٽر هرڀجن سنگهه پنهنجي ردعمل جو اظهار ڪيو آهي.
هرڀجن سنگهه سماجي رابطن جي ويب سائيٽ ايڪس تي جاري ڪيل بيان ۾ ليکو ته آسٽريلوي ڪرڪيٽرن جي گهرڀاتين کي ٽرولنگ جو نشانو بڻائڻ واريون خبرون انتهائي افسوسناڪ آهن.
هن چيو ته اسان پوري ٽورنامينٽ سٺو کيڏياسين پر فائنل ۾ آسٽريليا طرفان بهتر ڪرڪيٽ کيڏڻ سبب اسان هارائي وياسين، بس ڳالهه ختم، رانديگرن ۽ سندن گهرڀاتين کي هراسان ڇو پيو ڪيو وڃي؟ .
اڳوڻي ڪرڪيٽر شوقينن کي اپيل ڪندي چيو ته اهڙي قسم جو رويو بند ڪريو، عزت ۽ وقار وڌيڪ اهم آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.