راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) آرمي چيف جنرل عاصم منير چيو آهي ته امن جي وقت ۾ حقيقت پسنداڻي تربيت جنگ ۾ بهترين ڪارڪردگي جي ضمانت آهي.
آءِ ايس پي آر موجب آرمي چيف جنرل عاصم منير اسٽرائيڪ ڪور جو دورو ڪيو، جتي هن گڏيل تربيتي مشق جو مشاهدو ڪيو.
آرمي چيف جنرل عاصم منير مشق ۾ شريڪ جوانن سان ملاقات ڪئي ۽ جوانن جي جذبي، آپريشنل ڪارڪردگي ۽ پيشيوراڻي مهارت کي ساراهيو.
ان موقعي تي آرمي چيف چيو ته امن جي وقت ۾ حقيقت پسنداڻي مشن تي ٻڌل تربيت جنگ جي ميدان ۾ بهترين ڪارڪردگي جي ضمانت ٿي سگهي ٿي.
You might also like