بزرگ سياستدان ذاتي دشمني تي لهي پيا آهن، مسئلو رڳو اَنا جو آهي: بلاول ڀٽو زرداري

اپر دير (ويب ڊيسڪ) پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته اسان کي اهي گهر ويهارڻا آهن، جيڪي ٻه يا ٽي ڀيرا وزيراعظم بڻجي چڪا آهن.
اپر دير ۾ ورڪرز ڪنوينشن سان خطاب ڪندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته حڪمرانن کي عوام جي تڪليف جو احساس ناهي، ملڪ ۾ نفرت ۽ ورهاست جي سياست ٿي رهي آهي، جنهن سان ملڪ ۽ عوام جو نقصان ٿي رهيو آهي، انهن سنگين مسئلن مان اسان سڀني کي نڪرڻو پوندو، سنجيدگي سان ڪم ڪيو وڃي ته مسئلن مان نڪري سگهون ٿا.
هن چيو ته مسئلو سياستدانن جي پاڻ ۾ ويڙهه ۽ انا جو آهي، اسان عوام کي سهولتون ڏينداسين، اسان جو اتحادي اهو آهي، جيڪو ووٽ ۽ پارليامينٽ جي عزت جي ڳالهه ڪندو، پاڪستان کي معاشي بحران مان ڪڍڻو آهي ۽ مهانگائي جو مقابلو ڪرڻو آهي، پنجاب ۽ لاهور جي سياستدانن جي سياست آهي ته ”يا مان کيڏندس يا ڪنهن کي کيڏڻ نه ڏيندس“.
سندس چوڻ هو ته بزرگ سياستدان سياست بدران ذاتي دشمني تي لهي پيا آهن، منهنجو عوام سان واعدو آهي ته 18هين ترميم تي صحيح طريقي سان عمل ڪرائينداسين، جيڪو ڪم 18هين ترميم موجب ناهي، اهو بند ڪنداسين.
بلاول ڀٽو زرداري چيو ته جيل ۾ موجود پي ٽي آءِ چيئرمين تي تنقيد ڪرڻ ۾ مزو ناهي، پي ٽي آءِ چيئرمين کي جيڪڏهن ڪنهن طريقي سان موقعو ملي ويو ته هو حساب وٺندو، منهنجي نظر ۾ پي ٽي آءِ چيئرمين ۽ پي ڊي ايم حڪومت جو اهو ئي مسئلو هو، اهي ماڻهن جي مدد بدران پنهنجي ويڙهه ۽ ذاتي مفاد ۾ لڳل رهيا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.