فيفا ورلڊ ڪپ ڪواليفائرز: تاجڪستان، پاڪستان کي هارائي ڇڏيو

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) ورلڊ ڪپ فٽبال ڪواليفائر رائونڊ ٽو ۾ تاجڪستان، پاڪستان کي هڪ جي مقابلي ۾ ڇهن گولن تان هارائي ڇڏيو.
اسلام آباد ۾ ٿيل فيفا ورلڊ ڪپ 2026 ڪواليفائر رائونڊ 2 جي گروپ ميچ ۾ تاجڪستان ميزبان پاڪستان کي آئوٽ ڪلاس ڪري ڇڏيو.
ميچ تيز رفتاري سان شروع ٿيو ۽ مهمان ٽيم مسلسل ٻه گول اسڪور ڪري پاڪستان کي دٻاءُ هيٺ آڻي ڇڏيو.
ميچ جي ڪجهه منٽن کانپوءِ پاڪستان طرفان رئيس نبي گول ڪري اسڪور 1-2 ڪري ڇڏيو پر ان کانپوءِ تاجڪ ٽيم ڇانيل رهي، پهرين هاف جي پڄاڻي تي هڪ جي مقابلي ۾ چئن گولن جي سرسي حاصل ڪري ورتي.
ٻئي هاف ۾ به تاجڪستان وڌيڪ ٻه گول اسڪور ڪيا، پاڪستان ٽيم ٻئي هاف ۾ ڪو به گول نه ڪري سگهي ۽ تاجڪستان ميچ هڪ جي مقابلي ۾ ڇهن گولن تان پنهنجي نالي ڪري ورتي.
تاجڪستان جي امادواني ڪمولوف ٻه، رستم سوئروف، عمر بايوف، احسن پنتشنبي ۽ شاهروم هڪ، هڪ گول اسڪور ڪيو.
ياد رهي ته پاڪستان کي گروپ جي پهرين ميچ ۾ سعودي عرب هٿان 0-4 تان شڪست جو منهن ڏسڻو پيو هو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.