اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) تحريڪ انصاف چيئرمين عمران خان جي سائفر ڪيس ۾ جيل ٽرائل خلاف داخل انٽرا ڪورٽ اپيل منظور ڪندي جيل ٽرائل جو 29 آگسٽ جو نوٽيفڪيشن ڪالعدم قرار ڏنو ويو آهي.
اسلام آباد هاءِ ڪورٽ سائفر ڪيس ۾ جيل ٽرائل خلاف پي ٽي آءِ چيئرمين جي انٽرا ڪورٽ اپيل تي محفوظ فيصلو ٻڌائي ڇڏيو.
جسٽس گل حسن اورنگزيب ۽ جسٽس ثمن رفعت تي ٻڌل ڊويزن بئنچ ٻڌڻي ڪئي.
اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جيل ٽرائل خلاف انٽرا ڪورٽ اپيل تي فيصلي ۾ چيو آهي ته 13 نومبر تي ڪابينا جي منظوري کانپوءِ جيل ٽرائل نوٽيفڪيشن ماضي تي لاڳو نه ٿيندو.
فيصلي ۾ چيو ويو ته غير معمولي حالتن ۾ ٽرائل جيل ۾ ڪري سگهجي ٿو، قانون موجب جيل ٽرائل اوپن يا ان ڪئميرا ٿي سگهي ٿو.
You might also like