نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) ڀارتي عورت وات ۾ سڀ کان ڏند هجڻ سبب گنيز بڪ آف ورلڊ رڪارڊز ۾ پنهنجو نالو داخل ڪرائي ورتو.
هونئن ته قدرتي طور تي انسان جي وات ۾ 32 ڏند هوندا آهن جن کي مڪمل ڏند سمجهيو ويندو آهي پر ڪجهه ماڻهو اهڙا به هوندا آهن جن جي وات ۾ 32 کان وڌيڪ ڏند هوندا آهن.
گنيز ورلڊ رڪارڊز موجب ڀارتي سان واسطو رکندڙ 26 ورهين جي ڪلپنا بالن انوکو عالمي رڪارڊ بڻايو جنهن جو سبب سندس وات ۾ 38 هجڻ آهي ۽ ان لاءِ هن سڀ کان وڌيڪ ڏندن واري عورت جو اعزاز حاصل ڪري ورتو آهي.
ڪلپنا جي هيٺ ڏاٺ ۾ 4 واڌو ڏند آهن ۽ مٿين ڏاٺ ۾ 2 ڏند آهن.
ان کان اڳ مردن جي فهرست ۾ اهو رڪارڊ ڪينيڊا جي ايوانو ميلون وٽ آهي جنهن جي وات ۾ 41 ڏند هئا.
واڌو ڏندن کي طبي اصطلاح هائپر ڊونٽيا يا پوليس ڊونٽيا آهي ۽ سڄي دنيا ۾ اهڙن ماڻهن جي شرح 3.8 سيڪڙو آهي.