آءِ سي سي مينز ون ڊي ورلڊ ڪپ جي فائنل ۾ آسٽريليا هٿان شڪست تي ڀارتي مداح آپي مان نڪري ويا.
آچر جي ڏينهن مسلسل ڏهن ميچن ۾ ڪاميابي کانپوءِ فائنل ۾ هار ڀارتين کان برداشت ناهي ٿي رهي، سوشل ميڊيا تي آسٽريلوي رانديگرن سميت سندن گهرڀاتين کي ڌمڪيون ملي رهيون آهن.
ان کانسواءِ ڀارتي مداحن نيوزيلينڊ جي آل رائونڊر جيمز نيشم کي آسٽريلوي رانديگر سمجهي ويٺا ۽ کيس انسٽاگرام تي گارين جا پيغام موڪليا.
سومر جي صبح ڪرڪيٽر انسٽاگرام اڪائونٽ تي اسڪرين شاٽ شيئر ڪيا جنهن ۾ ڀارتي اڪائونٽس طرفان انتهائي گٿي ٻولي جو استعمال ڪيو ويو، جمي نيشم جي شيئر ڪيل اسڪرين شاٽس سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي رهيا آهن.
نيشم اسڪرين شاٽس تي لکيو ته گذريل رات ميچ نه ڏٺي پر، مون کي محسوس ٿي رهيو آهي ته آسٽريليا کٽي ويو آهي؟
ڪيوي آل رائونڊر پنهنجي ٻي اسٽوري ۾ سوال ڪيو ته مون ڪهڙي شيءِ مس ڪري ڇڏي آهي؟ ان کانسواءِ ڪرڪيٽر طرفان هڪ ميم شيئر ڪئي ۽ لکيو ته هي انهن ماڻهن لاءِ آهي جيڪي نٿا ڄاڻن ته آسٽريليا ۽ نيوزيلينڊ ٻه الڳ ملڪ آهن.
ٻئي پاسي الجزيرا جي رپورٽ موجب، ان حوالي سان جيمز نيشم اهڙي رويي تي سخت مذمت ڪندي چيو ته هو سمجهي ٿو ته رانديون ماڻهن کي جذباتي بڻائين ٿيون پر اوهان کي پنهنجي ڪاوڙ تي ظابطو رکڻ گهرجي.
هن چيو ته هو نه ٿو ڄاڻي تي اهڙي نفرت ڪٿان ايندي آهي پر تماشائين کي گهرجي ته پنهنجي توانائي ڪنهن سٺي جاءِ تي استعمال ڪن، فائنل ۾ آسٽريليا ٽاس کان ويندي ميچ جي آخري بال تائين بهترين ٽيم هئي ۽ اِها ڳالهه سڀني کي قبول ڪرڻي پوندي.