جگر انسان جي جسم ۾ کاڌي کي هضم ڪرڻ، توانائي گڏ ڪرڻ ۽ جسم مان زهريلي مادن کي نيڪال ڪرڻ جو ڪم ڪندو آهي، عام طور تي جگر جي صحت ڏي ڌيان ناهي ڏنو ويندو جنهن جي ڪري اڄڪلهه جگر جون بيماريون وڌي ويون آهن جنهن جي نتيجي ۾ ڪيترائي ماڻهو پنهنجون زندگيون وڃائي ويهن ٿا.
جگر ۾ چرٻي ڄمڻ به ان جي مختلف بيمارين مان هڪ آهي جيڪا پيٽ جي چرٻي کان وڌيڪ خطرناڪ ۽ سخت هوندي آهي جگر جي چرٻي لاپرواهي جي ڪري گڏ ته سولائي سان ٿي ويندي آهي پر ان مان ڇوٽڪارو ماڻڻ ٿورو ڏکيو هجي ٿو. ان لاءِ پهريون ته جگر جي صحت جو خيال ڪيو وڃي پر جيڪڏهن ڪنهن کي به جگر جي چرٻي جا مسئلا آهن ته ان کي ڪجهه قدرتي کاڌن سان ئي صحيح ڪري سگهجي ٿو، اڄ اسان اهي پنج کاڌا يا خوراڪون ٻڌائينداسين جيڪي جگر جي چرٻي گهٽائڻ لاءِ انتهائي اهم ڪردار ادا ڪن ٿا.