ڀارت منشيات جي عالمي سطح تي سپلاءِ ۽ پکيڙ جو مرڪز بڻجي ويو

ڀارت عالمي سطح تي منشيات جو ڳڙهه بڻجي ويو، ڀارت منشيات حاصل ڪرڻ لاءِ اوڀر بارڊر جو استعمال ڪندو آهي، جڏهن ته فنٽينل ۽ ميٿمفيٽا مائن جهڙين هٿرادو دوائن جي پيداوار لاءِ ڪيميڪل جي فراهمي ۾ سڀ کان اڳتي آهي.
ڀارت منشيات جي عالمي سطح تي سپلاءِ ۽ پکيڙ جو مرڪز بڻجي ويو، آءِ اين سي بي رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو ته ڀارت منشيات حاصل ڪرڻ لاءِ اوڀر بارڊر جو استعمال ڪندو آهي، گڏوگڏ ڀارت فارماسوٽيڪل ۽ ڪيميڪل صنعتن ذريعي شين کي غير قانوني نيٽ ورڪس ۾ هٿي ڏيندو آهي.
رپورٽ موجب ڀارت افغانستان رستي سستي اگهه تي منشيات خريد ڪندو آهي، جنهن جي ماليت 650 بلين ڊالرن کان وڌيڪ آهي.
آمريڪي پرڏيهي کاتي رپورٽ ۾ چيو آهي ته ڀارت فنٽينل ۽ ميٿمفيٽامائن جهڙين هٿرادو دوائن جي پيداوار لاءِ ڪيميڪل جي فراهمي ۾ سڀ کان اڳتي آهي، ڀارت جي فارماسوٽيڪل صنعت ملڪ اندر منشيات کي وڏي پئماني تي هٿي ڏني آهي.
ڀارت منشيات جي سمگلنگ ۾ ڊرون جي استعمال سان پاڪستان ۾ منشيات پکيڙي رهيو آهي، عالمي سطح تي منشيات جي واپار ۾ ڀارت جي ڳجهي مداخلت کي ”گولڊن ڊرگ سلڪ روٽ“ چيو ويندو آهي، گولڊ ڊرگ سلڪ روٽ ۾ ڀارت جي وڏيون ڪاروباري ۽ سياسي شخصيتون شامل آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.