سپريم ڪورٽ زال کي حق مهر نه ڏيڻ تي مڙس تي وڏو ڏنڊ هڻي ڇڏيو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سپريم ڪورٽ گهرواري کي حق مهر نه ڏيڻ تي مڙس تي هڪ لک رپيا ڏنڊ لاڳو ڪندي هڪ مهيني ۾ حق مهر ادا ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.
سپريم ڪورٽ ۾ گهرواري کي حق مهر ادا نه ڪرڻ بابت درخواست تي ٻڌڻي ٿي، سپريم ڪورٽ حق مهر نه ڏيڻ تي مڙس تي هڪ لک رپيا ڏنڊ لاڳو ڪري ڇڏيو.
ڀلوال سان واسطو رکندڙ درخواستگذار تي 6 سال عدالت ۾ ڪيس هلائڻ ۽ حق مهر نه ڏيڻ تي ڏنڊ هنيو ويو.
چيف جسٽس ريمارڪس ڏنا ته توهان کي پاڪستان جو قانون پسند ناهي ته گهٽ ۾ گهٽ شريعت جو احترام ڪيو.
عدالت پڇاڻو ڪيو ته درخواستگذار جون ڪيتريون گهر واريون آهن، حق مهر زال جو حق آهي، اهو ڇو نه ڏنو ويو، جنهن تي وڪيل چيو ته ٻه گهرواريون آهن.
چيف جسٽس نڪاح نامي ۾ 5 لک رپيا حق مهر 6 سالن تائين ادا نه ڪرڻ تي درخواستگذار جي ڇنڊ پٽيندي وڪيل کي چيو ته 10 لک رپيا ادا ڪرڻ جو حڪم ڏيون ته جيئن اڳتي اهڙا ڪيس نه اچن.
وڪيل چيو مان ڪيس واپس ٿو وٺان، جنهن تي چيف جسٽس چيو ته ائين نه ٿيندو جو توهان مرضي سان ڪيس واپس وٺي ڇڏيو، 6 سال توهان حق مهر نه ڏنو ۽ هاڻ انصاف لاءِ عدالت آيا آهيو، توهان کي انصاف ته ملندو.
سپريم ڪورٽ هڪ مهيني ۾ زال کي حق مهر ادا ڪرڻ جو حڪم ڏنو ۽ چيو ته هڪ مهيني ۾ حق مهر ادا ڪري فيملي ڪورٽ کي آگاهه ڪيو، دستاويز جمع ڪرايو، 30 ڏينهن ۾ حق مهر ادا نه ڪيو ويو ته قانوني ڪارروائي ٿيندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.