احمد آباد (ويب ڊيسڪ ) ورلڊ ڪپ فائنل ۾ آسٽريليا هٿان شڪست کانپوءِ ڀارتي ڪرڪيٽ ٽيم جا پرستار آپي مان نڪري ويا، فائنل ۾ سينچري اسڪور ڪندڙ آسٽريلوي بيٽر ٽريوس هيڊ جي زال ۽ ڌيءَ کي لڄالٽ جون ڌمڪيون ڏئي ڇڏيون.
سوشل ميڊيا تي ڀارتي ڪرڪيٽ مداحن بدترين ڪارڪردگي تي پنهنجي ٽيم جي رانديگرن تي تنقيد ڪرڻ بدران ورلڊ ڪپ فائنل ۾ آسٽريليا جي ڪاميابي ۾ ڪارائتو ڪردار ادا ڪندڙ بيٽر ٽريوس هيڊ جي زال ۽ هڪ سالا ڌيءَ کي لڄالٽ جون ڌمڪيون ڏئي ڇڏيون.
سموري دنيا جي سوشل ميڊيا واهپيدار ڀارتي انتها پسندن کي شرم جوڳين ڌمڪين تي ڇتي تنقيد جو نشانو بڻايو،
ان کانسواءِ ڪيئي ماڻهن آسٽريلوي ڪرڪيٽر جي زال ۽ سندس هڪ سال جي نياڻيءَ کي ريپ جو ڌمڪيون ڏيندڙن خلاف فوري ڪارروائي ۽ سندن سوشل ميڊيا اڪائونٽ بند ڪرڻ جو مطالبو ڪيو.