اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سينيٽ ۾ 5 هزار رپين جو نوٽ ختم ڪرڻ جي رٿ پيش ڪئي وئي.
سينيٽر محسن عزيز طرفان پيش ڪيل رٿ ۾ مطالبو ڪيو ويو آهي ته 5 هزار رپين جو نوٽ مهانگائي جو سبب بڻجي رهيو آهي، ان کي فوري طور ختم ڪيو وڃي.
هن چيو ته ملڪ ۾ غير دستاويزي معيشت 35 کان 40 سيڪڙو آهي، ساڍا 3 ٽريلين مان پوڻا 2 ٽريلين نوٽ به سرڪوليشن ۾ ناهن، حڪومت 5 هزار رپين جو نوٽ ڊي مونٽائز ڪري.
سندس چوڻ هو ته ڀارت به وڏا نوٽ ختم ڪري ڇڏيا ۽ هاڻ هو معاشي طور ترقي ڪري رهيو آهي.
اطلاعات واري وزير مرتضيٰ سولنگي خيالن جو اظهار ڪندي چيو ته 5 هزارن جو نوٽ 27 مئي 2006 ۾ جاري ٿيو، 4 هزار 500 ارب رپين جا نوٽ ملڪ ۾ موجود آهن.
هن چيو ته محسن عزيز پنهنجي حڪومت ۾ اسٽيٽ بئنڪ کي ڪجهه نه چيو، ايوان کان پڇان ٿو ته ايندڙ حڪومت ان تي ڪم ڪندي يا نگران حڪومت ڏسي؟
You might also like