بحريا ٽائون ڪيتري زمين خريد ڪئي ۽ ڪيتري تي قبضو ٿيو، جاچ شروع

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) بحريه ٽائون بابت عدالتي حڪمن تي سنڌ حڪومت سرگرم ٿي وئي، بحريا ٽائون گڏيل طور تي ڪيتري زمين تي ٺهيل آهي ۽ زمين جي ملڪيت جي حوالي سان جاچ لاءِ ڪميٽي جوڙي وئي آهي.
سنڌ حڪومت طرفان ڪمشنر ڪراچي جي سربراهي ۾ ڪميٽي جوڙي وئي آهي جيڪا ستن ڏينهن ۾ رپورٽ تيار ڪندي.
جاچ ۾ نشاندهي ڪئي ويندي ته بحريه ٽائون جي زمين جي اصل پکيڙ ڪيتري آهي ۽ بحريه ٽائون ڪهڙن شرطن تي نجي ماڻهن کان زمينون خريد ڪيون آهن.
ڪمشنر ڪراچي جي سربراهي ۾ قائم ٿيل ڪميٽي گوگل ميپ، نقشن ۽ تصويرن سان گڏ مڪمل رپورٽ پيش ڪندي.
سروسز ۽ جنر ايڊمنسٽريشن کاتي نوٽيفڪيشن به جاري ڪري ڇڏيو آهي جنهن تحت ڪميٽي ان ڳالهه جي جاچ ڪندي ته بحريه ٽائون جي ڪيتري زمين خريد ڪئي وئي ۽ ڪيتري تي قبضو ٿيو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.