ڪراچي (ويب ڊيسڪ) حيدرآباد جي نسيم نگر واري علائقي ۾ پراسرار نموني فوت ٿي ويل ڪامريڊ مرڪ جان چانڊيو جا وارث اڄ نسيم نگر ٿاڻي پهتا هئا جيڪي بنا ڪيس داخل ڪرائڻ جي واپس روانا ٿي ويا.
مرڪ جي پيءُ ۽ چاچي ٻن ڪلاڪن تائين پوليس اهلڪارن سان ملاقات ڪئي.
اهي چوٻول آهن ته مرڪ جان واري واقعي جو اتفاقي ڪيس داخل ڪيو ويو آهي.
مرڪ جي پيءُ چيو ته ڪنهن تي ڪيس داخل ڪرائڻ نٿا چاهيون.
منهنجي ننڍي ڌيءَ جذبات ۾ اچي سيف جو نالو کنيو آهي.