پيٽرول تي هلندڙ موٽرسائيڪل خريد ڪرڻ تي پابندي

لاهور: (ويب ڊيسڪ) پنجاب جي نگران وڏي وزير محسن نقوي چيو آهي ته سموگ جي خاتمي لاءِ سڀني کي ڪوشش ڪرڻ گهرجي، عوام کي به پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي.

حڪومتي سطح تي فيول موٽرسائيڪلون خريد ڪرڻ تي پابندي آهي، هاڻي رڳو اليڪٽرڪ موٽرسائيڪلون خريد ڪيون وينديون.

ميڊيا سان ڳالهائيندي محسن نقوي چيو ته هو ڪنهن جي روزگار تي اثرانداز ٿيڻ نٿا چاهين، سموگ جي خاتمي لاءِ واپاري برادري سهڪار ڪري.

هن چيو ته پنجاب ۾ چنگ چي رڪشا 30 ڏينهن لاءِ مفت رجسٽرڊ ڪيا ويندا، خاص ڪائونٽر قائم ڪيا ويندا، هڪ مهيني کانپوءِ اڻ رجسٽرڊ چنگ چي رڪشا روڊن تي هلڻ نه ڏينداسين.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.