نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) ڀارتي عورت فلم پروديوسر، هدايتڪار ۽ استريمنگ پليت فارم زي فائيو زندگي جي ڊائريڪٽر شيلجا ڪجريوال چيو آهي ته هو مستقبل ۾ پاڪستاني اداڪار فواد خان کي بالي وود اداڪارا تبو ۽ حمزا علي عباسي کي وديا بالن سان ڪاست ڪرڻ جو سوچي رهي آهي.
هڪ انٽرويو ۾ هن چيو ته اسان جي حڪومت کي اهڙا قانون ٺاهڻ جي ضرورت آهي ته جيئن ٻنهي ملڪن ۾ سياسي ڇڪتاڻ ته ٻنهي ملڪن جا فنڪار، فلمون ۽ ڊراما متاثر نه ٿين.