3 پٽ آهن کين سڀ ڪجهه خبر آهي:مٿيرا

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) اداڪارا مٿيرا چيو آهي ته هن جا ٽي پٽ آهن ۽ هوءَ سندن بهترين پالڻا ڪري رهي آهي، منهنجن پٽن کي سڀ ڪجهه خبر آهي، هو ڄاڻين ٿا ته منهنجي زندگي ۾ ڇا هلي رهيو آهي.
واضح رهي ته مٿيرا 2004ع ۾ آفريقي ملڪ زمبابوي کان پاڪستان آئي هئي، سندس پيدائش ۽ پالڻا زمبابوي م ئي ٿي هئي سندس پيءُ زمبابوي جي ناليوارو سياستدان آهي.
جڏهن هوءَ پاڪستان آئي ته هن ٽي وي جي انٽرٽينمينٽ شوز جي ميزباني ڪرڻ شروع ڪئي.
مٿيرا 2014ع ۾ پنجابي گلوڪار فلنٽ جي سان شادي ڪئي هئي، پر چئن سالن کان پوءِ 2018ع ۾ هنن جي طلاق ٿي وئي.
تازو ئي مٿيرا هڪ پوڊڪاسٽ انٽرويو دوران ٻڌايو ته هوءَ زندگي ۾ جن مسئلن کي منهن ڏئي چڪي آهي کي ورجائڻ پسند نٿي ڪري، هن چيو ته جڏهن آئون زمبابوي کان پاڪستان آيس ته رڳو انگريزي ايندي هئي، پڙهيل لکيل نه هجڻ سبب سيلز گرل جي نوڪري ڪئي.
سندس چوڻ هوته انسان جو مضبوط هجڻ به خطرناڪ آهي، اوهان وٽ ٻيو رستو ناهي هوندو، آئون هر انسان جي ڏک ۾ شريڪ ٿيندي اهيان پر جڏهن آئون روئيندي آهيان ته مون سان گڏ ڪو به ناهي هوندو.
اداڪارا ٻڌايو ته منهنجا ٽي پٽ آهن سدائين چوندي آهي ته ڇوڪرن کي سٺي تربيت ڏيڻ گھرجي، منهنجن پٽن کي سڀ ڪجهه خبر آهي، کيس عورتن جي ماهواري بابت به خبر آهي، هو ڄاڻين ٿا ته منهنجي زندگي ۾ ڇا هلي رهيو آهي، هو مون کي روئيندي ۽ نماز پڙهندي به ڏسندا آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.