آمريڪي سفير جي نواز شريف سان ملاقات، پي ٽي آءِ جو سخت ردعمل

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ ) پاڪستان تحريڪ انصاف آمريڪي سفير جي نواز شريف سان ملاقات جي پڌرنامي کي پاڪستان جي اندروني معاملن ۾ سنگين مداخلت قرار ڏيندي مڪمل طور رد ڪري ڇڏيو.

پي ٽي آءِ ترجمان چيو آهي ته نواز شريف ۽ آمريڪي سفير ڊونلڊ بلوم جي ملاقات جي پڌرائي ان سازش جو تسلسل آهي جنهن تحت عمران خان جي حڪومت جو خاتمو ڪيو ويو، ان ملاقات جي پڌرائي کانپوءِ سموري سازش قوم آڏو وائکي ٿي وئي آهي.

ترجمان چيو ته شريف خاندان پنهنجي اقتدار لاءِ هر اندرين ۽ ٻاهرين واپارين سان پاڪستان جي مفادن جي سوديبازي ڪئي، نواز شريف جڏهن به وزارتِ عظميٰ تائين پهتو قومي مفاد کي ملڪي ۽ پرڏيهي طاقتن وٽ گروي رکي پهتو.

پي ٽي آءِ ترجمان چيو ته اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان ڄاڻايل پڌرائي جو ترت نوٽيس وٺي ۽ پرڏيهي کاتي ذريعي آمريڪي سفير ۽ آمريڪي انتظاميا کان معاملي جي وضاحت طلب ڪري.

پي ٽي آءِ ترجمان موجب، ملڪي سلامتي، آئين، جهموريت ۽ چونڊن جي شفافيت خلاف ڪا به ڳجهي سازش يا اعلانيل قدم قوم قطعي قبول نه ڪندي. ائين ڪرڻ سان اندورني سلامتي ۽ قومي يڪجهتي تي سنگين اٽر پوندا.

ترجمان وڌيڪ چيو ته تحريڪ انصاف آئين جي حڪمراني، جهموريت جي دفاع، چونڊن جي شفافيت ۽ قوم جي حقيقي آزادي واري ايجنڊا کان هڪ انچ پوئتي نه هٽندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.