ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي ۾ اڄ هوائي گدلاڻ جي صورتحال گھڻي خراب آهي ۽ اڄ شهر دنيا جي گدلن ترين شهرن ۾ پهرين نمبر تي اچي ويو آهي.
اڄ ڪراچي جو ايئر ڪوالٽي انڊيڪس 239 رڪارڊ ڪيو ويو آهي.
موسمياتي تجزيه ڪار موجب سهر ۾ اتر اولهه کان هلڪي رفتار سان هوا گھلي رهي آهي، هوا ۾ گھم جو تناسب وڌيڪ هجڻ ۽ هوا جو معيار گدلو هجڻ سبب سموگ ٿي رهيو آهي.
ڪراچي کان پوءِ ٻيون نمبر ڀارتي راڄڌاني نئين دهلي جو آهي جتي ايئر ڪوالٽي انڊيڪس 196 رڪارڊ ڪيو ويو آهي.
ٽين نمبر تي لاهور آهي جتي ايئر ڪوالٽي انڊيڪس 191 رڪارڊ ڪيو ويو آهي.
واضح رهي ته هوائي گدلاڻ جي روڪٿام لاءِ پنجاب حڪومت جي حڪم تحت اڄ لاهور سميت پنجاب جي 10 ضلعن ۾ سمارٽ لاڪ ڊائون ڪيو ويو، سمارٽ لاڪ ڊائون تحت تعليمي ادارن ۾ موڪل هئي.
طبي ماهرن جو چوڻ آهي ته سموگ سبب مختلف بيماريون پکڙجي رهيون آهن، سرڪاري اسپتالن ۾ کنگهه، نزلي، زڪام ۽ ڦڦڙن جي انفيڪشن سميت ٻين بيمارين ۾ مبتلا ماڻهن جي رش معمول کان وڌيڪ آهي.
You might also like