سانگهڙ ۾ جوابدار گلن جهڙيون 2 ڌيئرون ۽ زال کي ڪهي قتل ڪري ڇڏيو

سانگهڙ (ويب ڊيسڪ) منگلي ٿاڻي جي حد ۾ بي رحم پيءُ پنهنجي ٻن معصوم نياڻين ۽ زال کي ڇريءَ سان ڪهي قتل ڪري ڇڏيو.

ڳوٺ عبدالله لغاري ۾ جنوني شخص شان لغاري ٽن سالن جي ڌيءَ سانول، ڏيڍ سالن جي ساهجان لغاري ۽ زال رخسانا لغاري کي ڪهي قتل ڪيو.

پوليس اطلاع تي پهچي جوابدار کي ڇريءَ سميت گرفتار ڪيو.

علائقي ۾ خوف ۽ ڏهڪاءَ واري صورتحال ڇانيل آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.