سڄي سنڌ ۾ سڀاڻي کان سي اين جي اسٽيشنز بند رهنديون

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سئي سدرن گيس ڪمپني سڄي سنڌ ۾ سموريون سي اين جي اسٽيشنز ڇنڇر 18 نومبر صبح جو 8 وڳي کان سومر 20 نومبر صبح جو 8 وڳي تائين 48 ڪلاڪن لاءِ بند ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي.
سوئي سدرن گيس ڪمپني جي پڌرائي موجب گھريلو واهپيدارن لاءِ گيس جي ضرورتن کي پورو ڪرڻ لاءِ اهو قدم کنيو پيو وڃي. سموري جنرل انڊسٽريز ۽ انهن جا بجلي پيدا ڪندڙ يونٽس به ڇنڇر، 18 نومبر صبح جو 8 وڳي کان ايندڙ 48 ڪلاڪن تائين بند رهندا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.