ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڇا اوهان کي خبر آهي ته دنيا ۾ هڪ اهڙو انوکو اسڪول به آهي جتي داخلا وٺڻ لاءِ اوهان کي امتحان ۾ ٽاپ ڪرڻ جي نه پر ٻه کان ٽي ڀيرا فيل ٿيڻ جي ضرورت آهي.
فلم ٿري ايڊيتس ان ئي شخص جي چوڌاري گهمي ٿي. ان جو نالو سونم جي آهي ۽ سندس تعليمي اداري جو نالو، لداخ اينڊ ڪلرچل مومينٽس آف اسٽوڊنٽس ايجوڪيشنل آهي.
سونم سوچيو ته جيڪي 25 سيڪڙو ٻار فيل ٿين ٿا انهن لاءِ سندن ذهني سگهه موجب ئي ڪو تعليمي نظام هجڻ گهرجي. هن اداري ۾ مختلف اسڪولن مان نالائق چئي ڪڍيل ٻارن کي داخلا ڏني ويندي آهي. هن اسڪول کي اهي ٻار پاڻ ئي هلائيندا آهن، هر ٻن مهينن بعد اليڪشن ٿيندي آهي ۽ باقاعده انهن ٻارن مان هڪ کي چونڊيو ويندو آهي پوءِ اهو پنهنجي ماتحت هڪ ٽيم ٺاهي ذميواريون ڏئي ليڊر جو ڪردار نڀائيندو آهي.
لداخ ڀارت جو هڪ اهڙو علائقو آهي جتي ڪاٽو پنج گرمي پد هوندو آهي، اتي اسڪولن ۾ 15 ڊگري گرمي پد هوندو آهي. هي سمورو اسڪول سولر سستم تي هلندو آهي، ڪو ٻار سولر سسٽم جي ليڊرشپ قبول ڪندو آهي ته ڪو جانورن جي ته ڪو ٻني جي، اهڙي ريت انهن جي دلچسپي موجب کين ڪم ڏنو ويندو آهي. هتي هر ٻار کي پنهنجي تخليقي صلاحيتن سان کيڏڻ جو موقعو ملندو آهي. هي ٻار نيون نيون ايجادون ڪندا آهن، مختلف ميدانن ۾ پنهنجو پاڻ مڃائيندا آهن ۽ پوءِ ملڪ جي مختلف شعبن ۾ پنهنجون خدمتون انجام ڏيندا آهن.
هي شخص چويٿو ته لداغ جهڙي علائقي ۾ جتي ڪاٽو پنج گرمي پد آهي اتي هڪ ٻار کي ايف فار فرن ڪيئن ۽ ڇو پڙهايو وڃي؟ ان کي هتان جي پهاڙي علائقي جي حوالي سان هتان جي ماحول موجب ئي شيون سمجهه ۾ اچي سگهن ٿيون. اسان پنهنجي ٻارن کي ڇا پڙهائي رهيا آهيون؟ روزاني زندگي ۾ ڪيترا موضوع آهن جن جو استعمال ڪيو ويندو آهي جيڪو اسان جي نصاب ۾ شامل آهي؟ پاڻ اندازو لڳايو اسان ايترا پوئتي ڇو آهيون؟
نفسا نفسي جي هن دنيا ۾ جتي هر شخص ۽ ادارو ٽاپ ڪرڻ ۽ ٽاپر پيدا ڪرڻ ۾ مصروف آهي اتي اهڙا عظيم ماڻهو به موجدو آهن جيڪي ڪجهه اهڙو ڪري رهيا آهن جنهن کي عقل مڃڻ لاءِ تيار ناهي.
اهڙو شخص جنهن جي ڌيان جو مرڪز اهي 85 سيڪڙو ٻار هوندا هئا جيڪي سرڪاري اسڪولن ۾ تعليم حاصل ڪندا هئا. پنهنجي نظرين ۽ انقلابي سوچ سان پنهنجي حصي جي ڪوشش ڪندڙ هن شخص ڀارت جي سرڪاري اسڪولن ۾ ٻارن کي اهو ئي معيار اها ئي تعليم پهچائي ڏني جيڪا رڳو پنج سيڪڙو آمريڪي طرز اسڪولن ۾ ڏني ويندي هئي.
۽ اسان وٽ سرڪاري اسڪولن ۾ جيڪڏهن تعليم جي نظام کي بهتر بڻايو ويو ته پرائويٽ اسڪولن ۾ پنهنجا اربين رپيا انويسٽ ڪندڙ طاقتور ماڻهن جو ڏيوالو ٿي ويندو.
هر ٻار پنهنجو پاڻ ۾ هڪ پوري ڪائنات آهي. ان جي اندر مختلف صلاحيتون موجود هونديون آهن، هر ٻار قدرتي طور تي ڪنهن صلاحيت سان پيدا ٿيندو آهي. ان جي قابليت، صلاحيت ۽ ٽيلينٽ کي دريافت ڪرڻ ۽ پالش ڪرڻ ۾ اهم ڪردار والدين ۽ ٽيچرز جو هوندو آهي، اهو تڏهن ممڪن آهي جڏهن تعليمي ادارا واپاري منڊين ۾ تبديل نه ٿين.
اسان وٽ به ائين ممڪن آهي، اسان به ائين ڪري سگهون ٿا، هتي به اميد جيئري آهي. اسان اڄ به پنهنجي ٻارن کي نوڪري حاصل ڪري نوڪر بڻجڻ جي سوچ کان آزاد ڪري ڇڏيون ته هو مستقبل ۾ نوڪريون ڏيندڙ بڻجي سگهن ٿا. پنهنجو ٽيلينٽ دريافت ڪري سگهن ٿا.
You might also like