گھڻن پاڪستاني مردن جي سوچ جنس ۽ تعصب پرستي واري آهي:انوشي اشرف

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ماڊل ميزبان ۽ اداڪارا انوشي اشرف چيو آهي ته گھڻن پاڪستاني مردن جي سوچ نه رڳو دقيانوسي هوندي آهي پر سندن سوچ تعصب ۽ جنسي پرستي سان به ڀريل هوندي آهي.
انوشي اشرف ڀارتي فيشن ڊزائينر مسابه گپتا طرفان اڳوڻي پاڪستاني ڪرڪيٽر رميز راجا جي تعصب تي ٻڌل بيان تي ڪيل پوسٽ جي اسڪرين شاٽ تي ڪمينٽس ڪندي گھڻن پاڪستانين جي سوچ کي دقيانوس قرار ڏئي ڇڏيو.
انوشي اشرف شوبز سوشل ميڊيا پيج طرفان مسابه گپتا جي شيئر ڪيل پوسٽ تي ڪمينٽس ڪندي لکيو ته گھڻن پاڪستاني مردن جي سوچ دقيانوسي آهي، هو اڄ جي زماني کان گھٽ ۾ گھٽ 30 سال پراڻي سوچ رکن ٿا.
هن لکيو ته پاڪستاني مردن جي سوچ تعصب ۽ جنسي پرستي سان ڀريل آهي ۽ هنن طرفان احمقاڻه ۽ ٻين جي تڪليف جو سبب بڻجندڙ تبصرا ڪرڻ معمول بڻجي چڪو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.