ايندڙ 24 ڪلاڪن دوران سنڌ جي موسم ڪيئن رهندي؟

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سڄي سنڌ ۾ 24 ڪلاڪن دوران موسم خشڪ ۽ رات جو ٿڌي رهڻ جو امڪان آهي.
موسميات کاتي موجب سڄي سنڌ جي ميداني علائقن ۾ ڪوهيڙو رهڻ جو امڪان آهي.
موسميات کاتي ڪراچي ۾ ايندڙ 3 دوران آسمان صاف ۽ موسم خشڪ رهڻ جو امڪان ظاهر ڪيو آهي.
ان دوران ڪراچي ۾ اتر اوڀر ۽ اوڀر کان هوائون گھلنديون رهنديون.
اڄ اتر اوڀر کان گھلندڙ هوائن جي رفتار 4 ڪلوميٽر في ڪلاڪ رڪارڊ ٿي آهي، جنهن ۾ گھم جو تناسب 54 سيڪڙو آهي.
موسمياتي کاتي ٻڌايو ته ڪراچي ۾ گھٽ ۾ گھٽ گرمي پد 20 سينٽي گريڊ رڪارڊ ٿيو آهي.
اڄ ڪراچي وڌ کان وڌ گرمي پد 31 کان 33 ڊگري سينٽي گريڊ جي وچ ۾ رهڻ جو امڪان آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.