موٽرسائيڪل رڪشن خلاف ڪريڪ ڊائون جو فيصلو

لاهور (ويب ڊيسڪ) لاهور ۾ موٽرسائيڪل رڪشا ٺاهيندڙ ورڪشاپس خلاف ڪريڪ ڊائون جو فيصلو ڪيو ويو آهي.

چيف سيڪريٽري پنجاب جي صدارت هيٺ سول سيڪريٽريٽ ۾ اجلاس ٿيو جنهن ۾ ڪريڪ ڊائون جو فيصلو ڪيو ويو.

چيف سيڪريٽري جو چوڻ آهي ته موٽرسائيڪلن کي رڪشي ۾ تبديل ڪرڻ غيرقانوني آهي، سيفٽي اسٽينڊرڊز کانسواءِ تيار ڪيل موٽرسائيڪل رڪشا ماحولياتي گدلاڻ جو سبب بڻجن ٿا.

هن چيو ته اڻ رجسٽرڊ موٽرسائيڪل رڪشن کي رجسٽريشن لاءِ هڪ مهيني جي مهلت ڏني وئي آهي، رڳو فٽنيس جي معيار تي پورو لهندڙ موٽرسائيڪل رڪشن جي رجستريشن ڪئي ويندي.

چيف سيڪريٽري پنجاب جو چوڻ آهي ته هڪ مهيني بعد ڪنهن اڻ رجسٽرڊ موٽرسائيڪل رڪشا کي هلڻ جي اجازت نه هوندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.