انساني حياتين سان کيڏندڙ 4 ڊاڪٽر گرفتار

نئين دهلي (ويب ڊيسڪ* پوليس انساني حياتين سان کيڏندڙ ۽ پاڻ کي ڊاڪٽر ظاهري ڪري ماڻهن جون سرجريون ڪندڙ 4 جعلي ڊاڪٽرن کي گرفتار ڪري ورتو آهي.
پرڏيهي خابرو اداري جي رپورٽ موجب جاچ مان خبر پئي آهي ته اهي جعلي ڊاڪٽر گريٽر ڪيلاش جي علائقي ۾ اگروال ميڊيڪل سينٽر جي نالي سان نرسنگ هوم هلائي رهيا هئا. گرفتار ڪيل جوابدارن جي سڃاڻپ ڊاڪٽر نيرج اگروال، سندس زال پوجا ۽ سرجن ڊاڪٽر ججسپريت سنگهه جي طور تي ڪئي وئي آهي.
جاچ مان اها ڳالهه سامهون آئي آهي ته گرفتار ڪيل جوابدارن 2022ع ۾ گال بليڊر جي علاج لاءِ داخل مريض اصغر علي جو آپريشن ڪيو هو، سرجري کان پوءِ مريض اصغر علي فوت ٿي ويو.
ميڊيڪل ڪائونسل مريض جي موت کان پوءِ ان معاملي جي جاچ ڪري رهي هئي. اصغر علي جي پوسٽ مارٽم رپورٽ اچڻ کان پوءِ پوليس ڪيس داخل ڪري نرسنگ هوم جي ڊائريڪٽر نيرج، سندس زال پوجا، سرجن ڊاڪٽر جسپريت سنگهه ۽ ليب ٽيڪنيشن مهيندر کي گرفتار ڪيو.
پوليس ذريعن جو چوڻ آهي ته فرضي سرجن ڊاڪٽر جسپريت سنگهه جعلي دستاويزن کي به تيار ڪئي هئي. ۽ ملي ڀڳت سان اهو آپريشن فرضي ڊاڪٽر پوجا ۽ اڳوڻي ليب ٽيڪنيشن مهيندر ڪيو.
سرجري جي ڏينهن مريص جي گھرڀاتين کي ٻڌايو ويو ته پوجا ۽ ليب ٽيڪنيشن به ڊاڪٽر آهن. پوليس کي شڪ آهي ته نرسنگ هوم ۾ اهي پاڻ کي سرجن ظاهر ڪري ڪيترن ئي مريضن جا آپريشن ڪري چڪا آهن.
پوليس کي جاچ دوران ان ڳالهه جون شاهديون مليون آهن ته 2016ع کان هيل تائين ميڊيڪل ڪائونسل کي انهن ڊاڪٽرن خلاف اهڙيون 6 شڪايتون سامهون اچي چڪيون آهن.
اهو ئي نه پر پوليس نرسنگ هوم ڪيترائي ايڪسپائر سرجيڪل بليڊ، منع ٿيل دوائون، 54 اي ٽي ايم ڪارڊ ۽ ٻيا دستاويز هٿ ڪيا آهن. پوليس کي ڪلينڪ مان 414 خالي نسخا به مليا آهن جن تي اڳ ئي هڪ ڊاڪٽر جون صحيحيون آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.