ممبئي (ويب ڊيسڪ) ڀارتي رياست اتر پرديش ۾ پيءُ ۽ سندس ڌيءَ سموسي سان گڏ غلطي سان ڪرڙي به کائي ويا.
مقامي ميڊيا جي رپورٽن موجب هاپوڙ ضلعي جي رهواسي منوج ڪمار ٻڌايو ته آئون پنهنجي پٽ کي بازار مان سموسا آڻڻ جو چيو، پر انهن کي کائيندي اسان انتهائي خوفناڪ تجربي کي منهن ڏنو.
هن ٻڌايو ته آئون هڪ سموسو مڪمل طور تي کائي چڪو هيس، جڏهن ته منهنجي ڌيءَ سموسو کائي چڪي ته هن ڏٺو ته اندر مُئل ڪرڙي موجود آهي، ٿوري دير بعد اسان ٻنهي جي طبيعت خراب ٿيڻ لڳي ۽ اسان فوري اسپتال ڀڳاسين.
ان کان پوءِ، متاثر شهري سموسن جي دڪان تي وڃي هنگامو برپا ڪيو. منوج ڪمار پوليس ۽ فوڊ ڊپارٽمينٽ کي طلب ڪيو پر دڪاندار خلاف ڪا به ڪارروائي نه ڪئي وئي.
اهو پهريون ڀيرو ناهي جو ڀارت ۾ اهڙا ڪيترائي واقعا رپورٽ ٿي چڪا آهن. ان کان اڳ هڪ وڊيو سامهون آئي هئي جنهن ۾ ريسٽورينٽ ۾ ڊاڪٽر جي آرڊر ڪيل کاڌي مان ڪرڙي نڪتي هئي.
Prev Post
You might also like